سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي

سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي

سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي

سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي: سنڌ جو تاريخي درسگاهه سنڌ مدرسة الاسلام 1885ع ۾ قائم ٿيو هو، اُهو پهرين
هاءِ اسڪول تائين هو، ان بعد اُن ڪاليج جي صورت اختيار ڪئي ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي هن وقت يونيورسٽيءَ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. اهڙو بل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت، 22 ڊسمبر 2012ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو. ابتدائي طور سنڌ مدرسة يونيورسٽيءَ ۾ پنج شعبا قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾: (1) ايجوڪيشن،
(2) بزنس ائڊمنسٽريشن، (3) ميڊيا اسٽڊيز، (4) ڪمپيوٽر سائنس، ۽ (5) انوائرمينٽل اسٽڊيز جا شعبا شامل آهن. يونيورسٽيءَ جو مکيه ڪئمپس في الحال مدرسي جي شاندار ۽ پراڻي عمارت اندر قائم آهي. هر ڪلاس روم ۾ ايئرڪنڊيشن ۽ ملٽي ميڊيا پراجيڪٽر لڳايا ويا آهن. ان کانسواءِ ليبارٽريون، لائبرري، آڊيٽوريم ۽ ميوزيم وغيره به ٺهيل آهن.
سنڌ مدرسة الاسلام جي نئين ڪئمپس لاءِ صدر آصف علي زرداريءَ جي خاص هدايتن تي ڪراچيءَ جي حدن ۾ جوڙيل ’ايجوڪيشن سٽيءَ‘ ۾ 100 ايڪڙ جي زمين مخصوص ڪئي وئي آهي، جنهن جي تعمير کان پوءِ يونيورسٽيءَ کي اتي منتقل ڪري وڌيڪ شعبا قائم ڪيا ويندا. سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ پاران ڊسمبر 2013ع ۾ ’سنڌ صدين کان‘ سري هيٺ هڪ بين الاقوامي سيمينار منعقد ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. هن وقت يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر محمد علي شيخ آهي، جيڪو هن کان اڳ سنڌ مدرسة الاسلام ڪاليج ۾ پڻ پرنسپال رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو